لاهور (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين مسلم ليگ ن سان اتحاد لاءِ گذريل چونڊن ۾ کٽيل سيٽن جي گھر ڪندي قومي اسيمبلي جون 12 کان وڌيڪ سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ هاڻي ٻنهي پارٽين ۾ تمام جلد اڳڀرائي ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ق ليگ 2018ع ۾ قومي اسيمبلي جون چار ۽ 8 صوبائي اسيمبلي جون کٽيل سيٽون گھريون آهن، جن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ چاهي ٿي. گذريل چونڊن ۾ انهن سيٽن تي سالڪ حسين، مونس الاهي، حسين الاهي ۽ طارق بشير چيما ايم اين ايز ٿيا هئا. ذريعن جو چون آهي ته ق ليگ گذريل چونڊن ۾ کٽيل سيٽن کان سواءِ وڌيڪ سيٽن جي به خواهش رکي ٿي ۽ ان لاءِ ٻنهي جماعتن جا اڳواڻ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملاقات به ڪري سگھن ٿا. ايندڙ چونڊن ۾ چوڌري شجاعت جو پٽ شافع حسين به ميدان ۾ آهي، هن گجرات مان صوبائي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تان ڪاغز جمع ڪرايا آهن. گجرات ۾ سالڪ حسين ۽ شافع حسين جي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گجرات مان حسين الاهي  ۽ موسٰ الاهي جي سيٽ تي ايڊجسٽمينٽ جو ڪوامڪان نه آهي. ان کان سواءِ بهاولپور ۾ طارق بشير چيما جي سامهون ن ليگ جو سعود مجيد آهي.