ن ليگ جي وزير اعظم جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين پر حڪومت جو حصو نه ٿينداسين: بلاول جو اعلان

0
58
ن ليگ جي وزير اعظم جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين پر حڪومت جو حصو نه ٿينداسين: بلاول جو اعلان
ن ليگ جي وزير اعظم جي اميدوار کي ووٽ ڏينداسين پر حڪومت جو حصو نه ٿينداسين: بلاول جو اعلان

بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت جو حصو نه بڻجڻ ۽ وزارت عظميٰ جي اميدواري تان به هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

زرداري هائوس اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي سي اي سي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته پيپلزپارٽي وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ ۾ دلچسپي نه ٿي رکي

هن چيو ته حڪومت جي جوڙجڪ يقيني بڻائڻ لاءِ نواز ليگ جي وزيراعظم لاءِ اميدوار کي ووٽ ڏينداسين،  پر حڪومت جو حصو نه ٿينداسين

بلاول چيو ته تحريڪ انصاف پيپلزپارٽي سان ڳالهيون نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهڙي اعلان کانپوءِ پي ٽي آءِ پاران وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جا امڪان ختم ٿي ويا آهن