لاهور (م ڊ) ن ليگ تحريڪ انصاف چيئرمين اعمران خان جي بيانيي خلاف حڪمت عملي تيار ڪري ورتي. ذريعن موجب ن ليگ حقيقتون عوام سامهون آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چيف آرگنائيزر مريم نواز تنظيمي ڪنوينشنز ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ حقيقتون عوام سامهون رکندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز سومر کان عمران خان جي هينڊلرز کي وائکو ڪندي، هوءَ سومر تي قصور ويندي، جتي پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي جي حوالي سان مقامي اڳواڻن سان ملندي.