نگران وزيراعظم ٽيون ڀيرو به پيش نه ٿيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
74
نگران وزيراعظم ٽيون ڀيرو به پيش نه ٿيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
نگران وزيراعظم ٽيون ڀيرو به پيش نه ٿيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪنداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن جي گمشدگي ڪيس ۾ نگران وزيراعظم کي ٽيون ڀيرو طلب ڪري ورتو، نگران وزيراعظم انوار الحق عدالت جي طلب ڪرڻ باوجود ٻيو ڀيرو به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آڏو پيش نه ٿيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته نگران وزيراعظم ٽيون ڀيرو به پيش نه ٿيو ته سندس خلاف ڪيس داخل ڪنداسين، وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿيڻ کي پنهنجي توهين نه سمجهي، ڪير به قانون کان مٿانهون نه آهي، وزيراعظم ڪراچي وڃڻ بدران عدالت ۾ پيش ٿئي

جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي اٽارني جنرل کان پڇيو ته وزيراعظم ڪٿي آهي؟ جسٽس محسن اختر ڪياني رمارڪس ۾ چيو ته وزيراعظم، وزير ۽ سيڪريٽري ذميواريون ادا نه ٿا ڪري سگهن ته کين عهدن تان هٽائڻ گهرجي، نگران وزير، گهرو ۽ دفاع وارا سيڪريٽري ڪٿي آهن؟

نگران وزيراعظم ۽ ٻين کان پڇو ته هو پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪرڻ چاهين ٿا، سيڪريٽريز، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي ايم آءِ جوابده آهن، ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي، يونيفارم جي عزت کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي

عدالت چيو ته اهو ڪنهن کي به حق ناهي ته گهرن ۾ گهري چادر ۽ چارديواري جو تقدس لتاڙي،  12 شاگرد اڃا بازياب نه ٿيا آهن، اٽارني جنرل چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب اڃا 8 شاگرد بازياب نه ٿيا آهن، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي