ڪراچي (م ڊ) نارٿ اٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (نيٽو) افغانستان کان فوجي مشن جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو، نيٽو جو 31 هون سربراهي اجلاس بيلجيئم جي شهر برسلز ۾ قائم هيڊڪوارٽر ۾ ٿيو، اجلاس ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن سميت نيٽو اتحاد جي 30 ميمبرن ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي افتتاحي خطاب ۾ نيٽو سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ افغانستان مان فوجي مشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. نيٽو جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هاڻ صرف نيٽو جي سول انتظاميه ڪابل ۾ موجود رهندي، جڏهن ته افغانستان سيڪيورٽي ادارن جي فنڊنگ جو سلسلو 2024ع تائين جاري رهندو، خابرو ايجنسي مطابق نيٽو اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن روس جي جارحاڻي طرز عمل، دهشتگردي، سائبر حملن ۽ چين جي عروج سميت ماحولياتي تبديلين جي تحفظ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.