نيوڇور (ن پ ا) ٿر جي ديهه سارڻ ڏيپلو جي رهواسي بيواهه راڻو ميگهواڙ نيوڇور ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته بااٿر منهنجي ڀائرن، مون کي ۽ منهنجي پٽ گيان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ٿر جي سروي زمين تي 10سالن کان قبضو ڪري پوکي ڪري رهيا آهن چونڊيل نمائندن ۽ اختيارين آڏو 5سالن کان دانهين رهي آهيان، انصاف نه ٿيو آهي. هن وس وارن کان اپيل ڪئي ته قتل جون ڌمڪيون ڏيندڙن بااثرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ زمين تان قبضو ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.