حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ سنڌ ڪابينا پاران نيوي کي ڏنل زمين واري عمل کي سنڌي عوام جي ڦرلٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جا لکين هاري بي زمين ۽ بي گهر آهن. سنڌ حڪومت انهن کي زمين جو هڪ انچ به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي پر نيوي کي 200 ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي. ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ وسند ٿري، عمران سمون، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ ۽ ٻين پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي جي آس پاس سنڌين جون آباد سالن کان وسنديون ڊاهي پٽ ڪيون پيون وڃن پر سنڌ حڪومت انهن ماڻهن جو تحفظ ڪرڻ بدران سندن گهر ڊاهڻ لاءِ سرڪاري بلڊوزر ۽ پوليس استعمال ڪري سنڌي ماڻهن کي ڪراچي مان ڪڍڻ جي سازش ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي زمينن کي پنهنجي جاگير سمجهي ورهائڻ بند ڪري. اڳواڻن چيو ته ملڪ ٺهڻ شرط ئي ھڪ سازش تحت ڌارين کي سنڌ مٿان قابض ڪرڻ لاءِ ڪارا قانون ٺاھيا ويا جنهن تحت هندن طرفان ڇڏيل ملڪيتن جي ماليت جيڪڏهن ڏهه هزار رپين کان مٿي ھئي ته مسلمان سنڌي اهي خريد نه ڪري سگهندو ھو پر هندستان کان آيل قبضاگيرن کي اهي ملڪيتون مفت ۾ ڏنيون ويون. ھاڻي وري هڪ دفعو ٻيهر اڻ اعلانيل طور اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن تحت سنڌي ماڻهن جا گهر گهاٽ ڊاهي پٽ ڪري زمينون ۽ ٻيا وسيلا مختلف ادارن، ملٽي نيشنل ڪمپنين جي نوڪرن ۽ پرڏيهين حوالي ڪيا پيا وڃن. سنڌ ۾ عوامي حڪومت جو وجود ئي نه رهيو آهي. ملٽي نيشنل ڪمپنين پاران ايجنٽ ڀرتي ڪيا ويا آهن جيڪي سنڌي عوام جي ڦرلٽ وارا منصوبا ٺاهي رهيا آهن. سنڌ ڪابينا ڪالهوڪي اجلاس ۾ نيوي کي زمين ڏيڻ سان گڏ لاڙڪاڻي ضلعي جون اسپتالون پي پي ايڇ آءِ کي ڏئي سنڌ جي ماڻهن کان صحت جون سهولتون ڦري ورتيون آهن. پي پي ايڇ آءِ وارا ڊاڪٽرن تي دٻاءُ وجهندا آهن ته اهي مريضن کي گهربل دوائون نه ڏين جنهن ڪري غريب مسڪين ماڻهو بهتر علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي مري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت انهن لاءِ ڪي به اپاءُ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.