ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۾ هڪ عورت ايئرپورٽ تي نه وٺي هلڻ تي پنهنجي بواءِ فرينڊ تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ميڊيا رپورٽس موجب عورت ايئرپورٽ وٺي هلڻ جي واعدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي بواءِ فرينڊ تي ڪيس داخل ڪرايو، عورت جو چوڻ آهي ته ان نتيجي ۾ فلائٽ مس ٿي وئي ۽ ٻيو مالي نقصان به ٿيو، نيوزيلينڊ جي ڊسپيوٽ ٽربيونل جيڪا 18هزار ڊالرز جي ويجهو تائين ننڍا ڪيس ڏسندي آهي، دستاويز جاري ڪيا جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته عورت پنهنجي فواءِ فريڊ کي چيو ته دوستن سان گڏ ٿيندڙ هڪ تقريب ۾ وڃي رهي آهي، کيس ايئرپورٽ کڻي هلي، بواءِ فرينڊ واعدو ڪيو، بواءِ فرينڊ واعدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ايئرپورٽ تي کڻي نه هليو جنهن ڪري نقصان ٿيو،عورت ٽربيونل ۾ شڪايت داخل ڪرائي ته بواءِ فرينڊ طرفان معاوضو ڏنو وڃي، ٽربيونل عورت جي اپيل رد ڪندي چيو ته بواءِ فرينڊ تي پنهنجا واعده پورا ڪرڻ جي قانوني ذميواري لاڳو نه ٿي ٿئي.