نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان جي دوري تي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

0
285

ڪرائسٽ چرچ (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي پاڪستان جي دوري تي موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جي دوري لاءِ ٽيم موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪيوي ميڊيا رپورٽس موجب نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ پنهنجي سيڪيورٽي ماهرن جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪپتان ٽام ليٿم ڍاڪا مان زوم تي بيان ۾ چيو آهي ته کيس رگ ڊيڪاسن جي رپورٽ تي ڀروسو آهي. ڪيوي قائد جو چوڻ آهي ته رگ ڊيڪاسن نيوزيلينڊ لاءِ ڊگهي عرصي کان ڪم ڪري رهيو آهي، سندس رپورٽ 100سيڪڙو حقيقتن تي ٻڌل هوندي آهي. ڪيوي ميڊيا موجب بورڊ نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿم کي به پاڪستان جي دوري جي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 11 سيپٽمبر تي پاڪستان پهچندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز کيڏي ويندي.