حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نيب نوشهروفيروز موٽروي سيڪشن ۾ ٿيل ڪرپشن جو ريفرنس اڃا تائين فائل ناھي ڪيو جڏھن ته احتساب عدالت جج موڪل تي ھئڻ سبب موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي. ٻڌڻي دوران جيل مان پوليس گرفتار معطل ڊي سي عدنان رشيد، اي سي لينڊ منصور عباسي، اسلم پيرزادو، تابش علي شاھ، ذيشان سهتو سميت 21 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. وڪيلن جو چوڻ آھي ته ريفرنس جي ٻڌڻي هلائيندڙ جج موڪل تي هئڻ سبب ڪيس نه هلي سگهيو. رڳو کين نئين تاريخ ڏني وئي آهي. وڪيلن موجب عدالت پاران نيب کي نوشهروفيروز موٽروي سيڪشن ۾ ٿيل ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪرڻ جو حڪم مليل آهي پر اڃا تائين انهن ريفرنس فائل ناهي ڪيو. جيڪڏهن جج موڪل تي نه هجي ها ته اڄ جاچ آفيسر کان ضرور پڇاڻو ٿئي ها. عدالت پاران نوشهروفيروز ۽ مٽياري ڪيسن ۾ گرفتار توڙي عبوري ضمانت ڪرائيندڙ جوابدارن جي ضمانت تي دليل مڪمل ڪرڻا هئا جيڪي ھاڻي 15 نومبر تي ٿيندا. واضح رھي ته مٽياري ۽ نوشهروفيروز موٽروي سيڪشن ۾ ٿيل ڪرپشن جا 3 ڪيس آهن جن ۾ اڃا رڳو نيب مٽياري بابت ريفرنس فائل ڪري سگهي آهي جڏھن ته نوشهروفيروز ڪيس اينٽي ڪرپشن پوليس داخل ڪيو ھو ۽ بئنڪنگ فراڊ جي حوالي سان ايف آءِ اي روپوش ڊي سي تاشقين عالم جي سالي کي گرفتار ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو. عدالتي حڪم تحت ڄاڻايل ٻنهي ڪيسن جا سپليمينٽري ريفرنس فائل ٿيندا جڏهن ته عدالت ھاڻي ٽنهي ڪيسن کي گڏائي هڪ ئي ريفرنس تحت هلائيندي.