نياڻين لاءِ ڌار تعليمي ادارا هجڻ گهرجن ۽ عورت عملو هجي؟ سوشل ميڊيا تي بحث

0
11

 سوشل ميڊيا تي نياڻين جي ڌار تعليمي ادارن بابت سوال اٿاريو ويو جنهن بعد بحث شروع ٿي ويو، ورلڊ سنڌي آگنائيزيشن فيس بوڪ گروپ ۾ پوسٽ شيئر ڪئي وئي ته نياڻين جا اسڪول ڪاليج يونيورسٽيون الڳ ھجڻ گھرجن، انھن جو سمورو اسٽاف وي سي کان ويندي چوڪيدار تائين سڀ عورتون ھجن، جنهن تي شير بانو ڪاڪا لکيو ته ڇو؟ هڪ ماءُ مان پُٽ يعني مرد ۽ ڌيءَ يعني عورت پئدا ٿئي ٿي انهن کي ڌار ڌار رکڻ ڪنهن به سماج لاءِ مناسب ناهي. اوھان پنهجي ڌيئرن ۽ پُٽن جي تربيت بهتر ڪندو ته گهر کان ٻاهر ڪو به غلط قدم نه کڻندا.. نوجوان عورتون ۽ مرد گڏجي پڙهندا ته هڪ ٻئي مان سکندا وڌيڪ ميچوئر ٿيندا.منظور حسين شيخ لکيو ته بجيٽ ۾ دفاع لاءِ 2122 ارب، صحت لاءِ هوالشافي، تعليم لاءِ رب زدني علما جا وظيفا مختص ڪيا ويا آهن،

                          ذوالفقار علي ڪمبوهه لکيو ته ان ذھنيت کي علاج جي ضرورت آهي، سولنگي منظور لکيو ته اها عورت دُشمن روش آهي،

                          عثمان ٿهيم لکيو ته ڇو ؟، آفتاب چانڊيو لکيو ته ماءُ پٽ کي جنم ڏي ته ماءُ کي گھرجي ته انکي ٿڃ نه پياري ڇو ته پٽ جنسي طور نر/مرد آھي؟ توھان جي انھي عورت ۽ انسان دشمن سوچ جي مذمت ڪجي ٿي،

امير علي ٻرڙو لکيو ته سڪ مائنڊسيٽ، مقصود احمد لکيو ته قبائلي ۽ تعليم دشمن خيال آهي، اوم پرڪاش لکيو ته ايئن ڪڏهن به نه ٿيڻ گهرجي، وجي ڪمار لکيو ته بلڪل نه، صالح محمد ٻگهيو لکيو ته رائيٽ، شاهزيب گوپانگ لکيو ته عقل لڀي ڪونه هليا آهيو اهڙي صلاح ڏيڻ، ذوالفقار علي راهوجو لکيو ته الڳ ڇو هجن، ياسر منگي لکيو ته اها ته روشن خيالي نه ٿي، شبانه ميمڻ لکيو ته رائيٽ،

 حفيظ ڪنڀر لکيو ته مطلب ته ملڪ پورو افغانستان هجي…ڪجهه ته شرم ڪريو، عبدالقادر کٽي لکيو ته ويل سيڊ، ابراهيم کوسو لکيو ته رائيٽ، سيد فدا حسين شاهه لکيو ته طالبان واري سوچ، سئم علي لکيو ته الڳ سسٽم جا پئسا توهان ڏيندا ؟ عرش حسين لکيو ته پوءِ قبرستان به الڳ ھجن…

فقير محمد لکيو ته واهه جي دنيا ۾ سنڌ جي روشناسي ڪرائي ٿي، اجيت جنگ لکيو ته جنسي بنياد تي علحدگي نامنظور نامنظور، الحفيظ لکيو ته رانگ نمبر…