نوشهروفيروز (رپورٽر) ضلعي ڪائونسل نوشهروفيروز جي چيئرمين سهيل اختر عباسي جي صدارت هيٺ سال 2024-2025 جي بجيٽ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چيئرمين هڪ ارب، 38 ڪروڙ 24 لک 47 هزار 909 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي، بجيٽ ۾ مذهبي ڏڻن ۽ ڀلائي لاءِ 40 لک، قدرتي آفتن لاءِ 70 لک، نين ترقياتي اسڪيمن لاءِ 24 ڪروڙ، معذورن لاءِ 50 لک، غريبن لاءِ سولر سسٽم جا 3 ڪروڙ، ضلعي جي مختلف پريس ڪلبن لاءِ 10 لک، ضلع ڪائونسل جي پارڪ لاءِ 30 لک رپيا رکيا ويا، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل جي ڊسپينسري لاءِ 15 لک، ضلعي ڪائونسل جي هلندڙ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 61 ڪروڙ 48 لک 30 هزار، راندين لاءِ 10 لک، آفيس جا متفرق خرچ 2 ڪروڙ 98 لک 70 هزار رپيا رکيا ويا، غريبن جي مدد لاءِ 30 لک، عورتن جي ڀلائي ۽ غريب نياڻين جي شادي لاءِ هڪ ڪروڙ، ملازمن جي طبي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا رکيا ويا، آمدني جا تفصيل بيان ڪندي چيئرمين چيو ته اوزيٽ شيئر 76 ڪروڙ 39 لک 92 هزار، ضلعي ڪائونسل جي پنهنجي ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس جي مد ۾، 4 ڪروڙ 12 لک 50 هزار، بقايا جي ادائيگين لاءِ 32 ڪروڙ 96 لک 85 هزار رپيا، نئين آفيس جي عمارت جي تعمير لاءِ متوقع گرانٽ 10 ڪروڙ رپيا آهي، چيئرمين اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعي ڪائونسل جي ترقياتي ڪمن لاءِ ٽينڊر جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، هر يونين ڪائونسل ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسان هر يونين ڪائونسل ۾ بنا ڪنهن سياسي فرق جي ترقياتي ڪم ڪرائينداسين.