ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ مشتاق مهر  طرفان ايس ايس پي اي وي ايل سي بشير بروهي ۽ سندس ٽيم لاءِ 10 لک رپين جي انعام جو اعلان ڪيو آهي. ايس ايس پي بشير بروهي نومبر ۾ نوشهروفيروز وٽان ڦر ڪيل 2 وي ايٽ گاڏيون بلوچستان مان هٿ ڪيون هيون، هڪ گاڏي ترڪ سفارتخاني جي هئي، ٽرالر اهي گاڏيون کڻي پشاور ۽ اسلام آباد وڃي رهيو هو ته نوشهروفيروز وٽ هٿياربندن ٽرالر جي ڊرائيور ۽ ٻئي عملي کي يرغمال بڻائي گاڏيون لاهي فرار ٿي ويا هئا.