نوشهروفيروز (ن پ ا) نوشهروفيروز ضلعي ۾ غير قانوني افغاني پناهگيرن جي خلاف ھن وقت تائين ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگھي آھي، ھولڊنگ سينٽر به ڪاغذي ڪارروائي ثابت ٿيو. ان حوالي سان ضلعي انتظاميه سان رابطو ڪيو ويو ته اي ڊي سي ٽو اعجاز علي ھاليپوٽو ٻڌايو ته ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۾ ھولڊنگ سينٽر قائم ڪيو ويو آھي، جتي پوليس، صحت کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن جي عملي کي مقرر ڪيو ويو آھي پر ھن مھل تائين ڪوبه پناهگير اتي ناھي پھتو، ٻي طرف  ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر تي پرنسپل عبدالرحمان خاصخيلي ٻڌايو ته  ضلعي انتظاميه ۽ حساس ادارن جي عملي اسان  ٻڌايو ته اوھان ڪمرن کان علاوه ٻاھرين احاطي ۾ خيما بستي قائم ڪري سگھو ٿا، جيڪا پڻ اڃا تائين قائم نه ڪئي وئي آهي. هوڏانهن پوليس ذريعن موجب نادرا پاران اڃا تائين حتمي رپورٽ نه ملي آھي. ھڪڙا پٺاڻ سالن کان ھتي آباد آھن پر ظاھري طور ڪوبه افغاني يا پرڏيھي ضلع ۾ رھڻ جي تصديق ناھي ٿي.