نوشهروفيروز: پڪا چانگ واسڻ ناري جو ڀرياروڊ واسي نوجوان سان پيار پرڻو

0
240
نوشهروفيروز: پڪا چانگ واسڻ ناري

نوشهروفيروز(ن پ ا) پڪا چانگ واسڻ نوجوان ناري گل نواز ڊکڻ ڀرياروڊ واسي نوجوان مجاهد حسين چنا سان نوشهروفيروز جي  عدالتي ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

پرڻو ڪرڻ بعد پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو ناري گل نواز دانهيندي چيو ته پسند جي شادي ڪرڻ بعد مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ هٿيار کڻي ڳولي رهيا آهن

هن چيو چاچا امتياز علي، ضمير علي، ساجد، سليم، اسلم ڊکڻ، شير محمد چنا، نواب ۽ سڪندر چنا جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن سبب اسان جي زندگين کي خطرو آهي منهنجي مڙس ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

مورو واسي پريمي جوڙو تحفظ لاءِ مٺياڻي پريس ڪلب پهچي ويو