نوشهروفيروز (رپورٽر) جي ڊي اي ايم پي اي معظم عباسي تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڀاڳو ديرو ٿاڻي تي داخل دھشتگردي ايڪٽ واري ڪيس جي ٻڌڻي دھشتگردي جي انت واري خاص عدالت نوشهروفيروز ۾ ٿي، جنھن ۾ عدالت معظم عباسي سميت ٽن ڄڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، بري ٿيلن ۾ ماڻڪ ۽ سومر ڪلھوڙو به شامل آھن، عدالت پوليس پاران ثابتيون پيش نه ڪرڻ تي جوابدارن کي باعزت بري ڪيو، ايم پي اي تي ڪلھوڙا ۽ چانڊيا ڌرين ۾ تڪرار دوران پوليس اھلڪار جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو ھو، عدالت ٻاھران ڳالھائيندي معظم عباسي چيو ته ڪيس سياسي انتقامي ڪارروائي تحت داخل ڪيو ويو ھو، جيڪو ثابت نه ٿي سگھيو، انصاف ملڻ تي عدالت جو ٿورائتو آهيان، ھن چيو ته ڪوڙا ڪيس اسان کي پنھنجي راھ تان ھٽائي نه ٿا سگھن.