نيوسعيدآباد(ن پ ا)  ھڪ ھفتو پھريئن  نوري آباد ويجھو ڪار ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيندڙ ڊائريڪٽر فنانس ڪاليجز پروفيسر علي احمد جمالي جي گهر واريءَ زيب النسا به زخمن جا سور ن سھندي ڪراچي جي ھڪ نجي اسپتال م زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي. سندس لاش اباڻي ڳوٺ باگو جمالي آندو ويو جتي جنازي نماز پڙھڻ بعد کيس مٽي ما۽ حوقلي ڪيو ويو. ياد رھي ته پروفيسر علي احمد جمالي پنھنجي فيملي سان ڳوٺ کان ڪراچي وڃي رھيو ھو ته سندس ڪار نوري آباد وٽ ٽرالر سان ٽڪرائجي حادثي جو شڪار ٿي ويئي هئي.