نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ۾ حادثن جي نتيجي ۾ موٽروي آفيسر سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ موٽروي ايم نائن تي لوڻي ڪوٽ ويجھو نئي بارڻ جي پل ڪراس ڪندي پل تان ھيٺ ڪرڻ سبب موٽروي جو پيٽرولنگ آفيسر آصف جمالي فوت ٿي ويو،موٽروي اختيارين سبب پيٽرولنگ آفيسر بدلي ٿي نئون آيل ھيو کيس وڌيڪ ڄاڻ نه ھئي فوتي جو مڙھ ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي داداڀائي چاڙھي وٽ خراب سوزوڪي ڀرسان بيٺل ٽن ڄڻن کي مزدا جو ٽڪر هڪ ڄڻو فوت ٻه ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا . فوتي جي سڃاڻپ بهادر خان راهمون ڇاڇرو واسي طور ڪئي وئي. زخمين ۾ سرمد ولد عبدالخالق نذير ولد نورمحمد کي زخمي حالت ۾ نوري آباد ٽراما سينٽر موڪليو ويو. واقعي واري هنڌ تان مزدا ڊرائيور فرار ٿي ويو سوزوڪي ڪراچي سبزي منڊي کان نوري آباد طرف اچي رهي هئي.