چيلھار(ن پ ا) نوجوان سٿ چيلھار پاران بھترين تعليمدان۽مثالي استادچنديرام راساڻي کي مڃتا ايوارڊ ڏيڻ لاءِ رائچند راٺوڙ لائبريري ۾ تقريب منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ شھر جي علمي.ادبي.۽ سماجي ڌرين شرڪت ڪئي. تقريب کي عبدالمجيدمورو. ڀارومل امراڻي. شنڪرباغي. گوبندچيلاڻي. مشتاق قاسماڻي. ريجھومل راٺوڙ. ساجدنھڙيو. موھن مھراج. ريجھومل راٺوڙ. ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته چنديرام راساڻي جو تعليمي ميدان ۾ پورھيو قابل ئي داد آھي ھن جھڙي طريقي چيلھار ھاءِ اسڪول ۽ ھائيري سيڪنڊري کي فعال ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي آھي قابل ئي تعريف عمل آھي، چيلھار ۾ نياڻين جي تعليم لاء چنديرام راساڻي ڏينھن رات ھڪ ڪري يارنھن ۽ ٻارھين درجي جون ڪلاسون ھلائيون آھن. ھنن چيو تي نوجوان سٿ چيلھار جي ان قدم کي اسين خوش آئندو سمجھون ٿا جن ھڪ مثالي استاد کي سندس جيئري مڃتا ڏني آھي. اسان وٽ اڪثر مڃتا لاء مرڻو پوي ٿو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو استاد ٻار کي فرش کان عرش تائين پھچائي ٿو ابھم ٻارن کي تراشڻ وارا استاد آھن چنديرام راساڻي خوشقسمت انسان آھن جن کي سندس ئي شاگرد جيئري مڃتا ڏيئي رھياآھن.آخري ۾چنديرام راساڻي خطاب ڪندي چيو تي آئون نوجوان سٿ جي سموري ٽيم جو انتھائي گھڻو ٿورائتو آھيان جن مون فقير ماڻھو کي ايڏي مڃتا ۽ موٽ ڏني.