اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف توشا خانه ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي، نواز شريف خلاف توشا خانه مان گاڏيون وٺڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿيندي، عدالت سرينڊر ڪرڻ تي نواز شريف جو اشتهاري درجو ختم ڪيو هو ۽ نواز شريف جي ضبط ڪيل ملڪيت به واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.