لنڊن (م ڊ) برطانوي حڪومت جي ذريعن موجب برطانيا نوازشريف کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ ناهي چيو، نوازشريف کي 25 سيپٽمبر تائين برطانيا ڇڏڻ جي خبرن ۾ ڪابه صداقت نه آهي. حڪومتي ذريعن موجب نوازشريف کي ان وقت تائين ملڪ ڇڏڻ جي ضرورت ناهي، جيستائين سموريون اپيل رد ٿي نه وڃن، نوازشريف جي برطانيا ۾ قيام خلاف درخواست گذريل سال آگسٽ ۾ گهرو کاتي رد ڪئي هئي.