نواب شاهه (رپورٽر) هفتو اڳ پئسن جي ڏيتي ليتي تان پريس ڪلب ٻاهران پيٽرول ھاري پاڻ کي باھ ڏيندر ڪيمپ نمبر 2 جو رھواسي 35 ورھين جو آصف اعواڻ زخمن جا سور نه سھندي ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ فوتي جي امڙ ذڪرا بيبي، زال نيتا، ڀاءُ اسد علي، ڀيڻ اقرا ۽ ٻين لاش پريس ڪلب ٻاهران رکي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هنن دانھيو ته سندن همراهه جا رياض بسرا نالي منشيات فروش ڏانهن پئسا رهيل ھئا، ھنن چيو ته پئسا نه ڏيڻ تان آصف اعواڻ پھريان به پاڻ کي ساڙي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ھنن چيو ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود به رياض بسرا اسان جي نوجوان کي تنگ ڪندو ھو، جڏھن ته پوليس به ان خلاف ڪارروائي نه ڪئي ۽ آصف اعواڻ دل برداشته ٿي پاڻ مٿان پيٽرول ھاري باھ ڏئي خودڪشي ڪئي جنھن جو ذميوار رياض بسرا آھي، ھنن چيو ته اسان ٿاڻي تي وياسين ليڪن پوليس اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن مطالبو ڪيو ته رياض بسرا ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.