نوابشاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) نوابشاهه ۾ گهرو اڻبڻت تان جوابدار زال ۽ سالي کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ جوابدار جو والد زخمي، ڪيس داخل، جوابدار فرار، خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد تاج ڪالوني ۾ جوابدار خالد حسين رند گھرو اڻبڻت تان پنھجي 40 ورھين جي گھرواري مسمات حميدهه ۽ 45 ورھين جي سالي مسمات رشيدان زال محمد بخش رند کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد پنھنجي والد واحد بخش رند کي گوليون ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، مقتول عورتن جا لاش ۽ زخمي کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال نواب شاهه آندو ويو، جتان مقتول عورتن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏھن ته زخمي جو علاج ھلندڙ آھي، گھرواري ۽ سالي کي قتل ڪندڙ جوابدار خالد حسين رند خلاف سندس سالي محمد منير ولد رسول بخش رند جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏھن ته پوليس آخري اطلاعن تائين جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي هئي.