نوابشاهه (بيورو رپورٽ) مھينو اڳ پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل پاران ٽيسٽ ۾ فيل ڪرڻ خلاف اسٽوڊنٽس يونين ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي سلمان ڪيريو، سجاد سيال، سعد لاکو، امير ڀنگوار ۽ ٻين چيو ته ھڪ مھينو اڳ پاڪستان ميڊيڪل ڪائونسل پاران ورتل ٽيسٽ ۾ سوين شاگردن کي فيل ڪيو ويو، ھنن چيو ته ٽيسٽ ۾ پنجاب جي سبجيڪٽ مان سوال ڏنل ھئا، هنن چيو ته وڏو ظلم ڪيو ويو، نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.