نوابشاھ (بيورو رپورٽ) ذاڪر سھتي جي گمشدگي کي ٻه مھينا ٿي ويا سندس پتو نه پئجي سگھيو قومپرستن ۽ وارثن پاران بُک ھڙتال جاري. پريس ڪلب آڏو ذاڪر سهتو جي جبري گمشدگي خلاف 59 هين ڏينهن به سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، ذاڪر سهتو جو ڀاءُ ايڊوڪيٽ رضا سھتو جي اڳواڻي ۾ ڪئمپ جاري رهي اڳواڻن چيو ته کنڀي گم ڪرڻ واري عمل تي اسيمبلي ميمبرن جي مجرماڻي خاموشي عدليا جي بي وسي انتظاميا تي بي اختياري ڪري لاتعلقي ميڊيا جهڙي طاقتور آواز کي روڪڻ غلامي جي بدترين شڪل آهي سنڌ ۾ ڌارين جو رياستي مشينري جي زور تي تحفظ ڪيو پيو وڃي جيڪي مذهبي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن پر سنڌ ۽ سنڌي وسيلن جي مالڪي جي ڳالهه ڪندڙن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو، سياست سڀني جو بنيادي حق آهي جيڪو ملڪ جي حڪمرانن پاران زبردستي کسيو پيو وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته جيڪڏھن ذاڪر سھتو تي ڪو ڪيس وغيرھ آھي ته ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.