ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ نوابشاهه ضلعي ۾ سال 2012 ۽ 2014ع ۾ ڀرتي ٿيل 25 پوليس ڪانسٽيبلز  ( سپاهين ) کي فارغ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي نوابشاهه پاران پيش ڪيل رپورٽ  کي اڻ پوري ڏيندي آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي ۽ ڊي آءِ جي نوابشاهه کي 13 جنوري تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه ڪراچي رجسٽري ۾ برطرف ڪيل 25 سپاهين پاران سروس ٽربيونل جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي نوابشاهه امير سعود مگسي پيش ٿي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي عدالت ايس ايس پي نوابشاهه جي رپورٽ کي اڻ مڪمل قرار ڏيندي واپس ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران درخواستگذارن جي وڪيل منصور الحق سولنگي عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذارن کي نوابشاهه ۾ سال 14-2012ع دران  ڀرتي ڪيو ويو هو،  جنکي سپريم ڪورٽ جي غير قانوني ڀرتين واري ڪيس دوران  ملازمت تان فارغ ڪيو ويو، درخواستگذارن پنهنجي کاتي سان رابطو ڪيو، جنهن 2019ع ۾ ملازمت تي بحال ڪيو، سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي ڪليم امام اهو چئي درخواستگذارن کي 8 مهينن بعد ٻيهر برطرف ڪري ڇڏيو ته درخواستگذارن اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ناهي ڪئي، پوليس ڪانسٽيبلز آءِ جي سنڌ جي حڪم خلاف سروس ٽربيونل سان رابطو ڪيو هو، ٽربيونل سندن درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.