ننگرپارڪر ( ن پ ا ) ننگرپارڪر ۾ ٿر جي سونهن مور پکين ۾ راڻي کيت بيماري ڪر کنيو جنهن سب  10مور مري ويا ڪيترائي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا، وائڊلائيف کاتي ڪي به اپاءُ ناهن ورتا. ان ڏس ۾ علائقي واسين  ڪيول ميگهواڙ ، رميش ميگهواڙ ، گلاب سنگهه ۽ ٻين چيو ته ڏانو ڌانڌل پهڻاريو  ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ٿر جي سونهن مور پکين تي راڻي کيت بيماري جا لامارا آهن، پراسرار بيماري سبب مورن جي سونهن گهٽجڻ لڳي، هلي ڦري نٿا سگهن، نابين ٿي تڙپي تڙپي مري وڃن ٿا، وائلڊلائيف کاتو ترت قدم کڻي.