ننگرپارڪر (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ وينجهي جي ڍاڻي ۾ 30 ورهين جي چيتو ٻائي زال گيمرسنگھه ٺڪر مبينا طور گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف عورت جي وارثن ٻڌايو ته چيتو ٻائي دماغي توازن درست نه هجڻ ڪري خودڪشي ڪئي آھي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته وارثن موجب عورت ذھني توازن درست نه ھئڻ ڪري خودڪشي آھي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.