ننگرپارڪر(ن پ ا ) ننگرپارڪر ويجهو پيرسن جو ڳوٺ ڀرسان کوهه مان لاش هٿ آيو. ڳوٺ پنهون جي ڍاڻي واسي 64 ورهين جي جوارو ميگهواڙ جو گهر ڀرسان کوهه مان لاش هٿ آيو جنهن بعد ڳوٺاڻن واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو، پوليس لاش کوهه مان ڪڍرائي تعلقه اسپتال ننگرپارڪر آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس موجب پيرسن ذهني بيماري ۾ مبتلا هو جنهن جو علاج به هلندڙ هو، جنهن رات دير سان ڳوٺ ڀرسان کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو آهي.