ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جو قيام سيڙپڪاري لاءِ سٺو سنوڻ آهي: وزير اعظم شهباز شريف

0
174
ننڍن صوبن ۾ اقتصادي زونز جو

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زونز جو ننڍن صوبن ۾ قيام سٺو سنوڻ آهي، اقتصادي زونز کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، انهن کي سيڙپڪاري لاءِ رول ماڊل بڻايو وڃي، ايندڙ دور پاڪستان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو

اهڙن خيان جو اظهار هُن رشڪئي ۾ خصوصي اقتصادي وزن جي دوري دوران اجلاس کي خطاب دوران ڪيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، اسعد محمود ۽ ٻين کانسواءِ چيني ڪمپنين جا نمائندا به شريڪ هئا

وزير اعظم بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه سميت آبادي جي لحاذ سان ننڍن صوبن ۾ خصوصي اقتصادي زون جي قيام کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته انهن زونز جي قيام سان صنعتي سيڙپڪاري، روزگار جي فراهمي، پيداوار جي ترقي ۾ اضافو ٿيندو

وزير اعظم چيو ته انهن منصوبن جي ڪري ايندڙ وقت اسان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو، بيجنگ ۾ جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس ۾ 9 خصوصي اقتصادي زونز جي منظوري ڏني وئي آهي، پر بعد ۾ حالتون مٽجي ويون، چين ۾ ليبر مهانگي ۽ پاڪستان ۾ سستي آهي

هن چيو ته پاڪستان ۾ ليبر جي حوالي سان افرادي قوت موجود آهي، پاڪستان چيني ٽيڪنالوجي ۽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو، چيني ڪمپنين مختلف منصوبن تي بهترين ڪم ڪيو آهي، اسان جو عزم آهي ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصادي زونز جي تعمير مقرر وقت تي ڪئي وڃي