يوٽيوب ۾ هڪ اهڙو دلچسپ فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو اڃا تائين انهي وڊيو شيئرنگ سروس تي موجود نه هو. اينڊرائڊ اٿارٽي جي رپورٽ موجب يوٽيوب ۾ سليپ ٽائمر نالي فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، اهو فيچر اينڊرائڊ جي واهپيدارن کي دستياب هوندو.اهڙي قسم جا فيچر مشهور ميوزڪ ۽ پوڊڪاسٽ ايپس ۾ موجود هوندا آهن ته جيئن انهن کي استعمال ڪندي واهپيدارن کي ننڊ اچي وڃي ته اها سروس پاڻمرادي طور بند ٿي وڃي.اڃا اهو فيچر يوٽيوب جي اينڊرائڊ ايپ جي 19،25،33 ورجن جي ڪوڊ ۾ نظر آيو آهي، انهي فيچر ذريعي واهپيدار خاص طور تي دورانيي کي سيٽ ڪري سگهندا ۽ وڊيو انهي وقت دوران پاڻمرادي طور تي رڪجي ويندو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سليپ ٽائيم پورو ٿيڻ تي هڪ نوٽيفڪيشن به ايندو، جيڪڏهن انهي وقت واهپيدار وڊيو کي روڪڻ بدران ڏسڻ چاهيندو ته انهي ٽائمر جي ري سيٽ ڪرڻو پوندو يا پلي بيڪ سيٽنگز تبديل ڪرڻ لازم هوندي.اڃا اهو واضح ناهي ٿيو ته انهي فيچر کي ڪڏهن تائين سمورن واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.