لاڙڪاڻو : چانڊڪا جي شاگردياڻين نمرتا ۽ نوشين وارن  واقعن ۾ حيران ڪندڙ هڪجهڙائي آھي، هاسٽل جي روم نمبر 2 ۾ رهندڙ شاگردياڻي نمرتا 16 سيپٽمبر 2019ع تي مبينا طور آپگهات ڪيو هو، جڏهن ته ٻن ڪلوميٽرز جي مفاصلي تي واقع  ٻي هاسٽل جي روم نمبر 4 ۾ 24 نومبر 2021ع تي نوشين شاهه جو پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو هو ، نمرتا ۽ نوشين جي آپگهات جو طريقو ساڳيو هو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ نمرتا سان زيادتي جي تصديق ٿي هئي، جڏهن ته نوشين جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جي تصديق نه ڪئي وئي هئي.