ڪراچي: سنڌ حڪومت ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جي مبينه آپگهات واري جاچ رپورٽ 2 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين  پڌري نه  ڪئي، آصفه ڊينٽل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا چنداڻي جو لاش  16 سيپٽمبر 2019ع تي گرلز هاسٽل جي روم نمبر 47 مان مليو هو، سنڌ سرڪار واقعي جي ٽن ڏينهن بعد 19 هين سيپٽمبر تي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج لاڙڪاڻو کي عدالتي انڪوائري لاءِ لکيو هو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج لاڙڪاڻو واقعي جي تحقيقات   72  ڏينهن ۾ مڪمل ڪري گهرو کاتي کي اماڻي هئي، سنڌ حڪومت اها رپورٽ پڌري  ناهي ڪئي ۽ نه ئي وري  رپورٽ  جا تفصيل ميڊيا سان شيئر ڪيا ويا، سنڌ حڪومت جي ذريعن  ڊاڪٽر نمرتا جي آپگهات جي تصديق ڪئي پر رپورٽ ۾ آپگهات جا ڄاڻايل  ڪارڻ ميڊيا سان شيئر نه ڪيا ويا، انتظاميا ڪيترن ۽ ڪهڙن ماڻهن جا ڊي اين اي سيمپل ورتا ويا؟ نمرتا جي وارثن ڪهڙو بيان رڪارڊ ڪرايو؟  ڪال سي ڊي آر سميت اهم شاهدين تي مشتمل رپورٽ سنڌ سرڪار وٽ پيل آهي. ذريعن موجب وارثن طرفان ڪارروائي کان انڪار بعد وڏي وزير ڊاڪٽر نمرتا جي رپورٽ پڌري ڪرڻ کان روڪيو هو . نوشين شاهه جي ڪپڙن مان ساڳئي شخص جا جزا ميچ ٿيڻ بعد ڊاڪٽر نمرتا واري جاچ رپورٽ اهميت اختيار ڪري وئي آهي