نماز جي بي ادبي ڪندڙ نوجوان جي وڊيو وائرل، پوليس جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڏني

0
429
نماز جي بي ادبي ڪندڙ نوجوان جي وڊيو وائرل
نماز جي بي ادبي ڪندڙ نوجوان جي وڊيو وائرل، پوليس جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڏن

لاهور: پنجاب پوليس سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ نماز جي بي ادبي ڪندڙ جوابدار جي ڳولا شروع ڪري ڏني آهي، وڊيو ۾ نوجوان دهل جي ڌڌڪي تي نچندي نماز ادا ڪندي نظر اچي رهيو آهي

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هن وڊيو ۾ هڪ ميڙاڪي دوران دهل وڄي رهيو آهي ۽ هڪ نوجوان اوچتو اچي نماز پڙهڻ شروع ڪري ٿو ۽ نماز دوران به نچڻ واريون حرڪتون ڪندي نظر اچي ٿو. پوليس موجب اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي اها وڊيو ڪهڙي علائقي جي آهي ۽ ڪڏهن ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد عوام پاران سخت ردعمل ظاهر ڪيو پيو وڃي ۽ جوابدار جي گرفتاريءَ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي

پنجاب پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي ۽ سمورن ضلعن جي پوليس اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي. پنجاب پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جلد سوگهو ڪيو ويندو. عوام کي به اپيل ڪئي وئي آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪرائڻ ۾ پوليس جي مدد ڪئي وڃي