نفيس نگر (ن پ ا) نفيس نگر ۾ پورهيت جي گرفتاري خلاف پورهيتن ۽ وارثن غريب نواز ٽنگڙي، عبادت ٽنگڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته پوليس ٽالهي جي سماجي ڪارڪن ۽ پورهيت ڏنو ٽنگڙي کي بيگناهه گرفتار ڪري منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.