نظرين بدران لفظن ۾ الجهيل سياست

0
301
نظرين بدران لفظن ۾ الجهيل سياست

 اسلام آباد جي پارليامينٽ لاجز ۾ ان ڏينهن وفاقي حڪومت جيڪا زور آزمائي ڪئي تنهن جا نتيجا سموري ملڪ ڀوڳيا. لاجز ۾ ترسيل مهمانن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي اسلام آباد پوليس گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وئي. سبب اهو ٻڌايو ويو ته ايم اين ايز سان جي يو آئي جي رضاڪار فورس يعني انصارالسلام جا وردي پوش ڪارڪن گڏ هئا. پوليس جي اهڙي عمل خلاف مولانا فضل الرحمان پاڻ لاجز پهچي ويو ۽ هن پي ڊي ايم سربراهه جي حيثيت ۾ سمورين پارٽين جي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي جلد کان جلد اسلام آباد پهچن يا وري پنهنجي پنهنجي شهرن ۾ ڌرڻا هڻي ويهي رهن. مولانا جي ان اعلان تي پي ڊي ايم جي ٻين جماعتن جي ڪارڪنن ته عمل ڪونه ڪيو پر جميعت جي ڪارڪنن هڪ ڪلاڪ اندر  مختلف روڊن چوڪن چوراهن تي ڌرڻا هنيا ۽ اهي ڌرڻا تيستائين جاري رهيا جيستائين پاڪستاني اقتدار جي طاقتور ڌرين وچ ۾ اچي معاملو حل نه ڪرايو. اسلام آباد پوليس رات دير سان جميعت جي گرفتار سمورن ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ وزيراعظم کي باقي جيڪا پارت ڪئي وئي سا هن ٻئي ڏينهن لوئر دير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ٻڌائي.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي ورڪرن جي جلسي کي خطاب ڪندي انڪشاف ڪيو ته فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه کيس چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي هاڻي هو ڊيزل جي نالي سان نه سڏي. پاڪستاني سياست جا ڳجها راز ڄاڻيندڙ ماڻهن کي ان قسم جا جملا ٻڌي حيرت نه ٿي هوندي پر ڪنهن به جمهوري ملڪ جي وزيراعظم کي اهو سونهين نٿو ته هو عوام کي کلي ڪري فخر سان اهو ٻڌائي ته هاڻي فوج جي سربراهه کيس منع ڪئي آهي نه ته هو اڃان به ساڳي ڪرت سان لڳل هجي ها. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته وزيراعظم عمران خان  مخالف ڌر پاران تيار ڪيل بي اعتمادي  رٿ سبب ايترو جذباتي ٿي ويو آهي جو هو مختلف شهرن ۾ ايئن تقريرون ڪري رهيو آهي ڄڻ ته هو ڪا اليڪشن مهم هلائيندو هجي. جنهن ڪري سندس لفظن جي چونڊ ايتري بهتر ناهي. ڇو ته اقتداري ڌريون هاڻي پنهنجو پاڻ کي اقتدار جي بند گلي ۾ ڦاٿل سمجهن ٿيون جتان نڪرڻ لاءِ انهن کي جيڪڏهن سياسي مخالفن مٿان گند اڇلڻ يا گارين جا انبار ڏيڻا پون ٿا ته به هو خوشي خوشي اهو ڪم ڪندا رهن ٿا.

پاڪستاني سياست اقتدار جي بند گهٽيءَ ۾ ته سدائين  ڦاٿل رهي آهي  پر هاڻوڪو سياسي ماحول نيچ پڻي جي جنهن نئين گهٽ سطح تي پهچي اخلاقيات جو ترو وڃي ورتو آهي سو شايد پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي. هاڻوڪي گرم ٿيل اقتداري سياسي ماحول ۾ سياسي جماعتون عوامي ڀلائي وارو ڪو نظريو ڏيڻ بدران هڪٻئي مٿان ذاتي حملا ۽ چٿرون ڪرڻ ۾ پورا آهن. وزيراعظم جي ڪرسي تي ويٺل شخص کي هميشه عزت وقار ۽ لفظن جي چونڊ ۾ احتياط ڪرڻ کپندو آهي پر اهو به پنهنجي جلسن ۾ لفظي ۽ ذاتي حملا ڪري ته باقي ڪنهن تي ڪهڙي ميار. هاڻوڪي سياسي ڪلچر جو مقبول نعرو وڃي “ٽانگين ڪانپتي هين” بچيو آهي. بلاول جي انهن لفظن کي اردو ميڊيا ته کڻي پنهنجي ٻولي جي مفاد ۾ وڌائي چڙهائي پيش ڪري ۽ ڀلي بار بار ڏيکاري پر ڇا ملڪ جي وزيراعظم کي به ايتري فرصت آهي جو هو ويهي عام واندي ماڻهو واري وندر ڪري .

يعني لوڊو جي نانگ واري راند ويٺو کيڏي. بلاول جي اردو مٿان جڏهن وزيراعظم عمران خان جي ڇتي تنقيد وڌي وئي ته جوابي ڪارروائي طور سندس پنهنجي اردو تقريرن جا حوالا به سامهون اچي ويا جنهن ۾ کيس روحانيت اچارڻ به نٿي اچي نه ئي رحمت العالمين چئي ٿو سگهي. يا وري ڪراچي وار جلسي ۾ جيڪا ڌمڪي هن آصف زرداري کي ڏني سا به غلط اردو ۾ ته آصف علي زرداري هاڻي تون منهنجي بندوق جي نشاني تي آهين بدران هو چئي ويو ته “بندوق ڪي نشست پر هو”. عام جلسن ۾ تقريرن ڪرڻ مهل يا پريس ڪانفرنس ڪرڻ مهل جيڪڏهن ڪنهن به سياسي اڳواڻ کان ڪو اچار درست نٿو نڪري سگهي ته ان کي زبان ترڪڻ يا سلپ آف ٽنگ چئبو آهي. جيڪا ٿوري گهڻي مشڪري بعد ختم ٿي ويندي آهي پر هاڻوڪي سياسي ڪلچر ۾ انهن جو مذاق اڏائڻ ۽ خود سياسي مخالفن کي  مختلف نالا رکي سڏڻ ڪهڙو سياسي ڪلچر آهي. وزيراعظم عمران خان کي شايد ڪنهن نه ٻڌايو هجي ته هن ملڪ جو بنياد رکندڙ قائداعظم محمد علي جناح کي به  اردو گهٽ ايندي هئي ۽ هو عام طور انگريزي زبان ۾ ڳالهائيندو يا لکندو هيو ته ڇا پوءِ هي شخص انهن اڳواڻن مٿان به انڪري تنقيد ڪندو جو کين اردو نه ايندي هئي.

سياسي ڪلچر ۾ مخالف ڌر مٿان تنقيد ڪرڻ ته ٺيڪ آهي پر ذاتي حملا ڪرڻ يا مخالف ڌر جي اڳواڻن کي اڌ نالا سڏڻ يا سندن نالا بگاڙڻ ڪٿان جو سياسي ڪلچر آهي. ايئن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي به نه ڪيو جنهن کي جڏهن فوجي آمر جنرل ضياءَ جيل  اماڻيو ته هن مختلف ماڻهن کي خط لکيا ۽ ڪتاب لکيا.عدالتن ۾ به پيش ٿي بيان ڏنا پر هن اهو ته ڪڏهن به ڪٿي به نه چيو يا لکيو هو ته ضيالو هاڻي توکي مان نه ڇڏيندس. سياست ۾ تنقيد ڪرڻ ۽ اخلاقيات کان ڪري گاريون ڏيڻ ۾ وڏو فرق آهي. هاڻي ته وزيراعظم جون تقريرون ٻڌي عام ماڻهو به اهو چون ٿا ته لڳي ٿو همراهه جي هٿن مان اقتدار نڪرندو پيو وڃي تڏهن ته ايئن گارين جا ڌوڙيا لائي ڏنا اٿائين جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته درياهه جي پرئين ڀر بيهي گاريون ڏيڻ واري کي ڇا چئجي. سياسي اڳواڻن جي اهڙين تقريرن ٻڌڻ سان ٻيو ڪو نقصان ٿئي يا نه ٿئي پر ايندڙ نسل جي سياسي تربيت انهن گارين واري پئي ٿئي ته سياسي مخالف جي ماءُ ڀيڻ هڪ ڪرڻي آهي ڇو ته سندس سياسي موقف سان اسان جو اختلاف آهي. ايئن هرگز نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته سياست ۾ به اخلاقيات جي تمام گهڻي گنجائش هوندي آهي. سياست کي ڪنهن گندي گٽر جو نالو نه بڻايو جو عام ماڻهن جو ان  مٿان ويساهه کڄي وڃي ۽ هڪ ٻن اڳواڻن جي ڪري سڀاڻي ماڻهو سمورن سياسي ڪارڪنن کي گاريال برگيڊ چون. تنهن ڪري سياست ۾ سهپ، رواداري ۽ اخلاقيات جي تربيت جي اشد  ضرورت آهي ته ان کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن سڀاڻي جو سياسي ورڪر نظرياتي ڪارڪن ٿي اسري سگهي .هن معاشري کي هاڻي وڌيڪ ڪنهن به بدزبان بداخلاق سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن جي ضرورت ناهي ڇو ته اهي نفرتن جي توپ خاني ۾ اضافي جو سبب بڻجندا.