نصيرآباد (رپورٽ: راجا سميع لاشاري) نصيرآباد ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف شهري اتحاد ۽ جي يو آءِ پاران ڌار ڌار ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس ۾ شھري اتحاد جي سڏ تي شاھ لطيف پبلڪ پارڪ کان آرٿر واھ جي پل تائين ٽئين ڏينھن به معشوق ڦلپوٽو، عنايت تنيو، خدا بخش سانگھرو، عبدالحق ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن چيو ته سيپڪو نصيرآباد ۾ روزانو 18 ڪلاڪ بجلي بند ڪرڻ معمول بڻائي ڇڏيو آهي،سڄي رات بجلي بند ڪئي ٿي وڃي، سخت گرميءَ ۾ معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ بزرگ بيھوش ٿي وڃن ٿا،  سيپڪو جي نا اهل عملي بجلي چوري لڪائڻ لاءِ عوام کي چور ڄاڻائي شھرين مٿان بجليءَ چوري جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن. هوڏانهن جي يو آءِ جي سڏ تي مولوي محمد عثمان مغيري، مولانا محمد ياسين ڪانڌڙو، مولانا زاهد حسين تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، گاڏيون بيھجي ويون، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته نا اهل ۽ بد مست ايس ڊي او سيپڪو نصيرآباد بجلي بند رکي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بجلي بند هئڻ ڪري گھرن ۾ پيئڻ جو پاڻي نه ٿو پھچي، ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نا اهل ۽ عوام آزار ايس ڊي او سيپڪو ۽ لائين سپريٽنڊنٽ  کي ھٽائي جاري ڪيل شيڊول موجب بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.