ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي سيڪنڊ سول جج جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي ٻن شاھدن طرفان جج سامهون پنهنجا 164جا بيان رڪارڊ ڪرايا، شاهدن پنهنجي بيان ۾ چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي کي پ پ ايم اين اي خالد لنڊ قتل ڪرايو آهي، خالد لنڊ پنهنجي ٻن پٽن ميونسپل چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ سان گڏجي جوابدارن هٿان صحافي کي قتل ڪرايو، ڪيس جي شاهد ۽ نصرالله جي ڀاءُ  يعقوب گڏاڻي ۽ ماروٽ صلاح الدين گڏاڻي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته نصرالله گڏاڻي پ پ ايم اين اي جي ڪرپشن ۽ قبضا خوري کي وائکو ڪندو هو، جنهن تان هو مٿس ڪاوڙيل هئا، هن کان پهريان به ڪجهه عرصو اڳ خالد لنڊ پٽن جي موجودگي ۾ نصرالله گڏاڻي مٿان گارڊن کان فائرنگ ڪرائي هئي، شاهدن موجب 11 اپريل تي يارو لنڊ وڃڻ دوران خالد لنڊ ۽ سندس پٽن موٽر سائيڪل روڪي نصرالله کي قتل ڪرڻ جو ڌمڪيون ڏنيون ۽ چيو هو ته توهان کي لاش ملندو، 21 مئي تي جوابدارن اصغر لنڊ ۽ برڪت لنڊ نصرالله گڏاڻي کي اهو چئي فائرنگ ڪئي ته تون خالد لنڊ ۽ پٽن خلاف بڪواس ڪندو ٿو رهين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪندي ڪيس جي جاچ آفيسر ذوالفقار مهر کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

هاڻ ڪو به ماڻهو خالد لنڊ جو وڪيل ٿي اسان وٽ نه اچي: صحافي جو ڀاءُ

ميرپورماٿيلو: نصرالله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو ته اسان کي مسلسل ڌمڪايو پيو وڃي پر مان پنهنجي دوستن نصرالله جي ساٿين مٽن مائٽن جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن منهنجي مدد ڪئي ۽ حوصلو ڏنو، يعقوب گڏاڻي چيو ته قاتل خالد لنڊ ۽ سندس پٽن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ڪو به شخص هاڻ مون وٽ خالد لنڊ جو وڪيل ٿي ڪري نه اچي، انهن جو اسان ڏانهن هاڻ رستو بند ٿي چڪو آهي، يعقوب گڏاڻي مطالبو ڪيو ته تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

خالد لنڊ کي پ پ مان ڪڍي عهدي تان لاٿو وڃي: پٺاڻي گڏاڻي

ميرپورماٿيلو: شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي امڙ پٺاڻي گڏاڻي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان انصاف ڏيارڻ جي گهر ڪئي آهي، پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه ڀٽو سان مخاطب ٿيندي انصاف جو مطالبو ڪيو، وڊيو ۾ هن چيو ته اوهان شهيدن جا وارث آهيو، منهنجي پٽ کي به شهيد ڪيو ويو آهي، اوهان کي شهيدن جو قدر آهي، مان شهيد جي امڙ آهيان، مونکي به قدر آهي، پ پ ايم اين اي خالد لنڊ کي پارٽي مان ڪڍي عهدي تان لاٿو وڃي، ڀٽي جي پارٽي ۾ قاتل نه  ٿو ٺهي، جيڪڏهن اوهان منهنجي ڳالهه نه مڃي ته آنءُ پنهنجي مٿان تيل هاري باھ ڏينديس.

 

آءِ جي صحافي جا قاتل گرفتار ڪري وارثن کي تحفظ فراهم ڪري: وڪيل

ميرپورماٿيلو: شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي پيروي ڪندڙ وڪيل صلاح الدين پنھور ۽ عبيدالله گهوٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خالد لنڊ ۽ سندس پٽ صحافي نصرالله گڏاڻي کي مسلسل ڌمڪائيندا هئا ۽ ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ مظلومن جو آواز بلند ڪرڻ تي مٿس ڏمريل هئا، هو نصرالله جي فيملي کي پڻ هراسان ڪندا هئا، ڪيس جي شاهدن عدالت آڏو پنهنجو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائيندي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا نالا ايف آءِ آر ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي، هاڻ سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ کي گھرجي ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ۽ وارثن کي تحفظ فراهم ڪري.