ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) گهوٽڪي ۾ شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافين  مقتول جي امڙ مسمات پٺاڻي جي قيادت ۾ پريس ڪلب کان سي ايم ھائوس تائين ريلي ڪڍي،  پوليس پي آءِ ڊي سي چوڪ تي ڪنٽينر ھڻي رستا سيل ڪري ڇڏيا، جنهن بعد صحافين  ساڍا 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، صوبائي وزير  سعيد غني پاران پهچي ڳالهيون ڪرڻ بعد احتجاج اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو،  ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي شھيد صحافي جي امڙ مسمات پٺاڻي چيو ته نصراللھ  گڏاڻي کي پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽ شھباز لنڊ قتل ڪرايو آھي، پوليس جوابدارن کي گرفتار نٿي ڪري، جوابدارن جي گرفتاري تائين اسانجو احتجاج جاري رھندو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته نصر الله گڏاڻي سنڌ جو دلير پٽ ھو، سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس والده جي جدوجهد ۾ جسقم ڪارڪن گڏ ھوندا،  جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي چيو ته سنڌ ۾ گذريل 16 سالن کان پ پ جي حڪومت آھي، هتي وڏيرا، پير مير جاگيردار ۽ سردار مضبوط ٿي ويا آھن،  پوليس سندن  ڪمدار بڻيل آھي،  نصرالله گڏاڻي ظلم خلاف آواز اٿاريو ته کيس شھيد ڪيو ويو، مقتول جي وارثن کي انصاف ملڻ تائين اسين ساڻن گڏ آھيون،  ڌرڻي دوران مظاھرين سان ڳالهيون ڪرڻ لاء گھرو کاتي جو سيڪريٽري  سعيد شيخ پھتو، جنهن سان ڳالهيون بنا نتيجي ختم ٿيون، جنهن  بعد صوبائي وزير سعيد غني ڌرڻي ۾ پھچي مقتول جي امڙ سان ڳالهيون ڪيون ـ مقتول جي امڙ ۽ صحافين پاران گڏيل طور مطالبا رکيا ويا ته پ پ خالد لنڊ جي پارٽي رڪنيت معطل ڪري، خالد لنڊ کي قومي اسيمبلي جي سيٽ ۽ شھباز لنڊ کي ميونسپل ڪاميٽي چي چيئرميني تان تيستائين ھٽايو وڃي، جيستائين اھي پاڻ کي بيگناھ ثابت ڪن، جوبدارن جي ڌر بڻيل  ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا کي ھٽايو وڃي،  قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي،  قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيل جوابدار فوري طور گرفتار ڪيا وڃن، صوبائي وزير  خاطري ڪرائي ته ھو سندن مطالبا پارٽي قيادت ۽ وڏي وزير تائين پھچائيندو، ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني  چيو شھيد جي والده ۽ فيملي جو شڪر گذار آھيان جن منهنجي ڳالهه تي اعتماد ڪندي ڌرڻو ملتوي ڪيو، اسين  چاهيون ٿا ته مقتول جي وارثن کي انصاف ملي، اسان کان  جيڪي ٿي سگهيو، اھو ڪيو آهي، ڪجهه اھڙا قدم آھن، جيڪي پ پ قيادت، وڏي وزير ۽ گھرو وزير سان لاڳاپيل آھن ، هن چيو ته جيڪڏهن  پ پ جو ڪو ماڻهو واقعي ۾ ملوث آھي ته اھو سندس ذاتي عمل ھوندو،  پ پ مظلوم سان گڏ ھوندي، اسان به چاھيون ٿا ته قاتل گرفتار ٿين، شھباز لنڊ کي ھٽائڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قانون اندر چونڊيل نمائندي کي ھٽائڻ جي شق موجود آھي، اسان قانوني طريقو اختيار ڪنداسين، ھوڏانھن  سعيد غني جي خاطرين بعد احتجاج اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو،  مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڄ شام جو چار وڳي ٻيھر احتجاج ڪيو ويندو ـ

شھيد نصرالله  گڏاڻي جي ڀاءُ پاران اڄ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

ڪراچي : شھيد نصرالله  گڏاڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ سعيد غني جي ڪرايل خاطري تي عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ مقتول جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو،  ھن چيو ته  جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته هو اڄ شام جو مقتول جي معصوم ٻارن سميت پيٽرول جي بوتل ساڻ کڻي ايندو

ام رباب چانڊيو، سورٺ لوھار، پنهل ساريو، صحافي اڳواڻ ڌرڻي ۾ شريڪ

ڪراچي : شهيد نصرالله  گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٿيل  احتجاج ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،  پنھل ساريو،  الاھي بخش بڪڪ، سورٺ لوھار،  ام رباب چانڊيو، رخسانا ھاليپوٽو،  درشن سچڏيو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، صحافي غازي جھنڊير،  نعمت کھڙو،  اسد پتافي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ـ