نصرت فتح جو مائٽ سڏائڻ تي بدو بَدِي فيم ڦاسي پيو

0
44
نصرت فتح جو مائٽ سڏائڻ تي بدو بَدِي فيم ڦاسي پيو
نصرت فتح جو مائٽ سڏائڻ تي بدو بَدِي فيم ڦاسي پيو

لنڊن(شوبز نيوز) سوشل ميڊيا اسٽار چاهت فتح علي خان کي استاد نصرت فتح علي کي بدنام ڪرڻ تي 18 ڪروڙ رپين جي هرجاڻي جو قانوني نوٽيس جاري ڪيو ويو

قانوني نوٽيس قيصر منير ۽ ميان محمد عمير نياز طرفان چاهت فتح علي خان جي برطانيا واري رهائشگاهه تي موڪليو نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن چاهت فتح علي خان 15 ڏينهن اندر جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو ته عدالت ۾ ساک کي ڇيهو پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويندو

ليگل نوٽيس ۾ چاهت فتح علي خان تي نصرت فتح علي خان جي نالي کي بدنام ڪرڻ ۽ فيصل آباد جي عوام جي جذبن سان کيڏڻ ۽ ڪاپي رائٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو ويو

نوٽيس موجب چاهت پاڻ کي نصرت فتح علي خان جو ويجهو مائٽ هجڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي ۽ هن فنڪاري ۾ نصرت فتح علي خان جي وراثت کي نقصان پهچايو آهي