نصرالله جي قتل ۾ ملوث ناهيون: خالد لنڊ قسم کڻڻ لاءِ تيار

0
34
نصرالله جي قتل ۾ ملوث ناهيون: خالد لنڊ قسم کڻڻ لاءِ تيار
نصرالله جي قتل ۾ ملوث ناهيون: خالد لنڊ قسم کڻڻ لاءِ تيار

جروار (ن پ ا) پ پ ايم اين اي خالد لنڊ چيو آهي ته شهيد صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث ناهيون، صحافي جي شھادت تي سياسي ميدان ۾ شڪست کاڌل ماڻھو سياست چمڪائي مون کي ۽ پٽن کي ڦاسائڻ ٿا چاھين، گڏاڻي برادري سان پراڻا تعلقات آھن، پاڙيسري آھيون، کين ھر واٽ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون

هتي پريس ڪانفرنس ڪندي خالد لنڊ چيو آهي ته مان ۽ منهنجا پٽ شھيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث ناھيون، الزام هڻي منھنجي سياسي ساک کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته علائقي جي ريتن رسمن پٽاندڙ گڏاڻي برادري کي قسم ساک سميت ھر واٽ ۽ نيت ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر افسوس آهي ته ان باوجود به منھنجو پٽن سميت 164 جي بيان ۾ نالو ڏنو ويو، ڪيس ھاڻي ڪورٽ حوالي آھي، اسان کي ڪورٽن تي يقين آھي

پ پ ايم اين اي چيو ته وڪيل برادري سان اسان ڪنھن به قسم جو ٽڪراءُ نٿا چاهيون، وڪيل اسان جا ڀائر آھن ۽ وڪيلن لاءِ مون وٽ عزت آھي، منھنجو پنھنجو پٽ وڪيل آهي، هن جو چوڻ هو ته ڪراچي ڪورٽ اندر ھٿيار کڻي وڃڻ جو سوچي نٿو سگھان، ڇو ته اسان جي سياست عوامي ۽ ٻانھن ٻڌڻ واري آھي، ھر قسم جي ڏاڍ کي ننديان ٿو

هن چيو ته نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ مڪمل سھڪار ڪرڻ لاءِ تيار آھيان، شھيد صحافي جي قتل ڪيس جي مڪمل شفاف جاچ ڪري حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي