ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ نسيم ميمڻ کي لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو . نسيم ميمڻ لاڙڪاڻي ايجوڪيشن بورڊ جو چيئرمين مقرر نه ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي عدالت فيصلو ٻڌائيندي نسيم ميمڻ کي لاڙڪاڻي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نسيم ميمڻ جي وڪيل بيرسٽر رفيق موقف اختيار ڪيو ته اسڪروٽني ڪاميٽي نسيم ميمڻ سميت 5 ڄڻن کي ڪراچي، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو بورڊن لاءِ اهل قرار ڏنو هو، پوليس کاتي ۽ انٽيليجنس ادارن به نسيم ميمڻ کي ڪليئرنس ڏني، انهي باوجود نسيم ميمڻ کي لاڙڪاڻو بورڊ جو چيئرمين مقرر ناهي ڪيو ويو، هن عدالت کي وڌيڪ ٻڌايو ته حڪومت پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ نسيم ميمڻ جي ڊيٽا غلط ڏنل آهي، نسيم ميمڻ جو رڪارڊ ڪليئر آهي، هو لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين شپ لاءِ اهل آهي.