لاهور (اسپورٽس نيوز): قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر چيو آهي ته پاڪستان گذريل عالمي ڪپ کان بهتر ٽيم آهي، رانديگر باصلاحيت آهن، اهڙي ٽيم تياري ٿي سگهي جيڪا عالمي ڪپ کٽي. نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي مڪي آرٿر چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر تمام گهڻو پُر اعتماد آهن. هن چيو ته  نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي نه هئي پر ون ڊي سيريز ۾ سٺي ڪارڪردگي پيش ڪئي وئي . مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته بابر اعظم جي راند جي حوالي سان حڪمت عملي بهتر کان بهتر ٿي رهي آهي، هو پنهنجي بيٽنگ کي مضبوط ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عالمي ڪپ جي ٽيم ۾ سرفراز احمد جي شموليت واضح ناهي، ڪيترائي رانديگر عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ محنت ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ٽيسٽ ٽيم جي بهتري تي تمام گهڻو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بابت ڪيئي رٿائون آهن. هن وڌيڪ چيو ته سندس نجم سيٺي سان سدائين سٺا لاڳاپا رهيا آهن، هو آهي انڪري مان ان پوزيشن تي آهيان.