اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي وزارت وزيراعظم جي فيصلي کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيو،  پيٽرول 15 رپيا سستو ڪرڻ کان انڪار بعد پيٽرول 4 رپيا 74 پيسا في لٽر گهٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. تفصيل موجب وفاقي حڪومت پيٽرول جي في لٽر قيمتن ۾ 15.4 رپيا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في لٽر قيمتن ۾ 7.9 رپيا گهٽتائي واري سمري ناڻي وزارت ڏانهن اماڻي وئي پر ناڻي وزارت انکي رد ڪري ڇڏيو، ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 74 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي جنهن بعد پيٽرول 268 رپيا پيسا في لٽر ٿي ويو جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ پڻ 3 رپيا 86 پيسا لاٿ ڪئي وئي جنهن بعد ڊيزل 270 رپيا 22 پيسا في لٽر ٿي ويو آهي. ان کان اڳ وزير اعظم هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪندي ٻڌايو ويو هو ته وزير اعظم شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. وزير اعظم ناڻي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 15.4 رپيا ۽ ڊيزل 7.9 رپيا گهٽتائي ڪئي وڃي. وزير اعظم چيو آهي ته موجوده حڪومت جي عوام دوست پاليسين جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ واضع گهٽتائي ٿي آهي ۽ معاشي استحڪام آيو آهي.