ڪراچي (نمائندن وٽان)نانگ ڪکڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 5 جي حالت نازڪ، رانوتي ڀرسان پنجاب جي علائقي رحيم يار خان شھباز پور ۾ جوڳي طرفان نانگ جو تماشو ڏيکارڻ دوران نانگ ڳوٺاڻي کي ڪکي وڌو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻو عبدالخالق جهجهه موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نامعلوم جوڳي نانگ مرلي ۽ ٻيو سامان ڇڏي فرار ٿي ويو، مقامي پوليس موجب جوڳي طرفان نانگ جي تماشي دوران ڳوٺاڻي نانگ کي پڪڙيو ته نانگ مڇرجي پيو ۽ کيس مسلسل ڏنگ ھڻندو رھيو، جنھن سبب ڳوٺاڻي جو موت واقع ٿيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف قمبر لڳ نانگ 4 ڄڻن کي ڪکي وڌو، جن کي  علاج لاءِ قمبر اسپتال آندو ويو، ڳوٺ وانڍ ۾ پورهيت سرتاج چانڊيو، ڳوٺ پانڌي مغيري ۾ تڳيل مغيري، بهرام واسي عرس ۽ جاگير جي رهواسي جمال کي نانگ ڪکي وڌو، جن کي علاج لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال قمبر آندو ويو، اسپتال انتظاميا موجب نانگ ڪکيل 4 ڄڻن جي بلڊ ٽيسٽ ڪرائڻ بعد انهن کي ويڪسين ڪري سندن علاج ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف ڏيئي  ڳوٺ پٽيل سونو ماڻڪ واھ جي رھواسي نوجوان سچو ڪولھي کي زرعي زمين ۾ پاڻي واريندي نانگ ڏنگي وڌو آهي جنهن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي سندس علاج هلندڙ آهي.