سن (ن پ ا) سن ڀرسان علي آباد جي رھواسي نالي واري آرٽسٽ ايم ايم بلوچ عرف موريل بلوچ 60 سال فني فيلڊ کي ڏيڻ بعد  82 سالن جي ڄمار ۾ بيمار رهڻ بعد حيدرآباد جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي،  ايم  ايم بلوچ وڏي پردي وارين 6 فلمـن جيئي لطيف محب شھيد پرو چانڊيو جلال چانڊيو پڪار سميت ٻين فلمن ۾ بھترين ڪرداري ڪئي، هن پنهنجي ڊائريڪشن ۾  انجام جوڳي جلال لقمان شھيد دودو خان حاڪم خان سميت ڏھن کان وڌيڪ فلمون ٺاھيون، سندس جنازي نماز ۾ خدابخش ٿيٻو،  عبدالمنان عباسي عرف ماما لالو، يونس سنائي گل ڀٽو،شاھنواز شاھاڻي، طارق آڪاش علي سميت سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.