ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي بار ايسوسيئيشن پاران ناموس رسالت جي حوالي سان سٽي ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ڪاررواين جو بائڪاٽ ڪري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڪيلن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي ۾ شريڪ وڪيل بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي فرانس خلاف زوردار نعريبازي ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن ڊي سي سائوٿ وٽ خط پڻ جمع ڪرايو .