ناليوارو وڪيل جلال الدين سومرو پنهنجي ڀاءُ هٿان قتل

0
135
ناليوارو وڪيل جلال الدين سومرو پنهنجي ڀاءُ هٿان قتل
ناليوارو وڪيل جلال الدين سومرو پنهنجي ڀاءُ هٿان قتل

شڪارپور ۾ ملڪيت جي تڪرار تان ناليوارو وڪيل ايڊوڪيٽ جلال الدين سومرو پنهنجي سڳي ڀاءُ هٿان قتل ٿي ويو آهي

پوليس موجب کاٺ مڏي پاڙي ۾ جوابدار اطهر سومرو ملڪيت جي تڪرار تان وڪيل ڀاءُ تي فائرنگ ڪئي

پوليس موجب  سيني ۾ گولي لڳڻ سبب ايڊوڪيٽ جلال الدين سخت زخمي ٿي پيو، ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ سکر نيئڻ دوران رستي ۾ دم ڏنو

اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو

جوابدار واقعي بعد فرار ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو