سيوهڻ (ن پ ا) سيوهڻ جي مڪراني محلي مان ھڪ مھينو اڳ اغوا ڄاڻيل ناري سنيا بلوچ جي وارثن نظير بلوچ، شبير بلوچ، لطيف بلوچ، شاهد بلوچ، اياز بلوچ ۽ ٻين جو ٻارڙن سميت پريس  ڪلب سيوھڻ آڏو جوابدارن جي ضمانت رد ٿيڻ باوجود پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سيوھڻ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر ڌر الزام لڳائيندي چيو ته جوابدار رکيل بڙدي، ديدار بڙدي، برڪت بڙدي، انب بڙدي ۽ ٻين ھڪ مھينو اڳ اسان جي نياڻي کي زبردستي اغوا ڪري 28 ڏينهن تائين ساڻس جنسي ڏاڍائيءَ ڪئي جنهن بعد ھنن پوليس کان بچڻ لاءِ ڪورٽ ۾ شاديءَ جو ڪوڙو نڪاح نامو ڏيکاريو آهي. ھنن وس وارن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.