خيرپور (رپورٽر) ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ اينڊ ايويليشن اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ تعليم کاتو سنڌ زين العابدين انصاري نارا تعلقي جي 21 کان وڌيڪ اسڪولن جو دورو ڪيو، جتي ڪجهه اسڪول بند پيل مليا، جڏهن ته اڪثر اسڪولن ۾ استاد غير حاضر هئا، جن خلاف ڊي جي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، ڊي جي سمورن اسڪولن جو دورو ڪندي ٻارڙن کان مختلف نصابي ۽ غير نصابي سوال ڪيا ۽ اسڪولن ۾ حاضري رجسٽر پڻ چيڪ ڪيا، ان موقعي تي مختلف اسڪولن ۾ استادن تعليم جي حوالي سان پنهنجي گذارشون ۽ سفارشون پيش ڪيون، ان موقعي تي علائقي واسين ڊي جي زين العابدين انصاري سان ملاقات ڪندي اسڪولن ۾ سهولتن بابت ٻڌايو، دوري دوران ڊي جي چيو ته نارا تعلقي جي اسڪولن ۾ سهولتن بابت رپورٽ ترتيب ڏئي اعليٰ اختيارن کي موڪليندس ۽ جلد مسئلن جي حل لاءِ قانون موجب اپائن تي عملدرآمد ڪيو ويندو.